خاصخيلي غلام حسين ملهه

خاصخيلي، غلام حسين (ملهه): نامور ملهه پهلوان غلام حسين ولد يوسف خاصخيلي، شهر صوفي فقير، تعلقي عمرڪوٽ جو ويٺل آهي. سڄيءَ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو رهيو آهي. هن احمد مري، ساجن مري، سيد جانب علي شاهه، جمن ڪالري، رحيم بخش ۽ لاڙ جي مشهور ملهه ۽ دادلي شيديءَ سان زبردست مقابلا ڪري پاڻ کي ٻي جوڙ جي ڪامياب ملهه مڃائڻ کان پوءِ هن لڳاتار ملهه جا مقابلا ڪري پاڻ کي پهرئين جوڙ ۾ پهچايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو